اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ – افغان فرينڊشپ گروپ ??ي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ٻه طرفي واپار ۾ تازن مهينن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، وزيراعظم جي خاص مددگار ارباب شهزاد?? پاڪستان ۽ افغانستان جي خصوصي ايلچي صادق خان، پرڏيهي ??زارت، واپار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي، ميري ٽائيم افيئر، ايف بي آر، ڪسٽم ۽ اسٽيٽ بئنڪ ??ي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اسپيڪر تازن مهينن ۾ پاڪ – افغان واپار ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻه طرفي واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.