اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ج?? استعيفا نامنظور ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه وزيراعظم عمر??ن خان کي پنهنج?? استعيفا پيش ڪئي جيڪا وزيراعظم قبول نه ڪئي، وزيراعظم عمر??ن خان چيو ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه طرفان جيڪي ثبوت ۽ وضاحت پيش ڪئي وئي آهي، هُو ان مان مطمئن آهي تنهن ڪري وزيراعظم کيس خاص مددگار طور ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.