اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ سينئر ??فيسر شريڪ هئا جڏهن ??ه سمورا چيف سيڪريٽري ۽ آباد جي نمائندن وڊيولنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ صوبي ۾ جاري تعم??را??ي سرگرمين جي باري ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 19 تعم??را??ي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ??ي نتيجي ۾ 38 لک چورس فوٽ زمين تي اڏاوت ٿيندي، انهن ??ڏاوتن جي لاڳت 13.8 ارب روپيا آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ 30 ارب روپين جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون، اجلاس ۾ موجود آباد جي نمائندن عارف حبيب، عقيل ڪ??يم ۽ ٻين مختلف نجي تعم??را??ي ڪمپنين طرفان تعم??را??ي منصوبن، جن ۾ گهٽ آمدني وارن گهرن جي تعمير به شامل آهي، جي باري ۾ وز??را??ظم کي آگاهه ڪيو، نمائندن وز??را??ظم جي ذاتي دلچسپي ۽ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽي جي قيام ۽ وز??را??ظم طرفان هفتيوار اجلاسن ۾ اڳڀرائي جي جائزي جي نتيجي ۾ تعم??را??ي منصوبن سان لاڳاپيل مرحلا نهايت خوش اسلوبي سان طئي ٿي رهيا آهن.