اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته زمين تي سڀ کان بهترين صدقه جاريه وڻ لڳائڻ آه??، اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آه?? ته اسان وڻڪاري ذريعي ملڪ کي سرسبز ۽ صاف بڻايون، ڪورونا وائرس جي وبا اڃا ختم ناهي ٿ??، ان لاءِ عوام ايس او پيز تي عمل ڪري. ڪورنگ پارڪ ۾ ٽائيگر فورس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ رضاڪارن جي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ملڪ امين اسلم پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجا ٻيلا ڪاٽي ملڪ جو نقصان ڪيو آه??، جيڪڏهن گرمي وڌندي رهي، گليشيئر پگهرندا رهيا ته دريائن ۾ پاڻي گهٽ ايندو ان سان اسان جون زمينون ريگستان بڻجي وينديون، ان سان بک ۽ بدحالي پکڙجندي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ايندڙ نسلن، پنهنجي ٻارن جي لاءِ اسان سڀني جي ذميواري آه?? ته پنهنجي ملڪ کي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪريون. هن چيو ته هي اسان جيڪي اڄ 35 لک وڻ لڳايا آه?? اها هڪ شروعات آه??، هي مسلسل جدوجهد ۽ جهاد آه??، اسان اهو پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجي ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ ڪري رهيا آه??ون. هن چيو ته جڏهن قومون منظم ٿي فيصلا ڪن ٿيون ته الل?? جي زمين تي نقصان بدران بهتري اچي ٿي. هن چيو ته سڀ کان بهترين صدقه جاريه زمين تي وڻ لڳائڻ آهي. هن چيو ته اڄ سڄي ٽائيگر فورس، نوجوان ۽ انتظاميا جيڪي هتي شريڪ ٿيا انهن جا ملڪ پاران ٿورا مڃان ٿو، اسان کي ملڪ کي سرسبز ڪرڻو آه?? ان ۾ وڻ لڳائڻا آه??. وزيراعظم چيو ته قوم جي اتفاق راءِ سان فيصلن جا سدائين مثبت نتيجا نڪتا آه??، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ ملڪ جي ڪاميابي ان جو مثال آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي به ملڪ کي متاثر ڪري رهي آه??، ان جي وڏي ??شا??ي هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 15 لک ٽن گهٽتائي آه??، ڇو ته برساتن ڪڻڪ جي فصل کي بري طرح متاثر ڪيو.