اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سياچن ڪالهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي، اسان جي منزل سري نگر ان خواب جي تعبير آهي ج??ڪو قائداعظم ڏٺو هو. نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ جاري ڪيل نئون نقشو پ??ڪس??ان جو نقشو هوندو، وفاقي ڪابينا نئين سياسي نقشي ج?? باقاعده منظوري ڏني آهي جڏهن ته نئون سرڪاري نقشو پ??ڪس??اني قوم جي ترجماني ڪري ٿو. نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي وا??ح طور تي ڏيکاريو ويو جڏهن ته نئين نقشي ۾ سياچن کي پ??ڪس??ان جو علائقو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڄمون ?? ڪشمير هاڻي پ??ڪس??ان جي نقشي ج?? حصو آهن. هن چيو ته پ??ڪس??ان پنهنجي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کانپوءِ اهو نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو.