اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پريس آفيسرن کي سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ سچي دل ۽ عزم سان پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏيڻيون پونديون، نوان چونڊيل آفيسر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪن جيڪو ملڪي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن ٻاهرين ملڪ نون مقرر ٿيندڙ پريس اتاشين کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي به ان موقعي تي موجود هئي. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪ??مت?? قدمن ۽ ملڪي تشخص کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪردار حا??ر دور جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ۽ جديد ميڊيا جي رجحانن کي اختيار ڪندي ادا ڪرڻو پوندو.