راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوشڪي ب??وچ??تان جو دورو ڪيو، ب??وچ??تان جو گورنر ۽ وڏو وزير، وفاقي ۽ صوب??ئي وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم کي علائقي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ان موقعي تي وزيراعظم فوجي دستن سان ڳالهين ?? پاڪستان جي لاءِ لازوال قربانيون تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم فوجين جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشنل تيارين ?? بهادري کي ساراهيو جنهن سان هنن دهشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو. وزيراعظم ب??وچ??تان جي ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن جي باقيات جي خا??مي لاءِ هٿياربند فوج جي حمايت جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ جامع قومي ڪوشش، وفاقي ۽ صوب??ئي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون ۽ هيٿاربند فوج جي مدد سان اسان ب??وچ??تان جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻينداسين. ان کانپوءِ وزيراعظم علائقي جي چڱن مڙسن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهن جي اڻٽر حمايت ۽ ب??وچ??تان ۾ خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ڪيل حڪومتي قدمن ۾ انهن جي تعاون کي ساراهيو. هن جرڳي جي ميمبرن کي ب??وچ??تان ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ مخلصاڻو تعاون جاري ر??ڻ جو يقين ڏياريو. وزيراعظم زور ڏنو ته ب??وچ??تان جي ترقي اسان جي ترجيح ۽ پاڪستان جي مستقبل لاءِ انته??ئي اهم آهي.