اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي ??زير اسد عمر چيو آهي ته قوم جي پئسي مان دبئي، لنڊن، سوئٽزرلينڊ ۾ جائيدادون نه ٺهنديون، وزيراعظم جو قوم سان واعدو آهي ته عوام جو پئسو عوام تي خرچ ٿيندو، ٽيڪس نه ڏيندڙن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي، رياست ايتري ڪمزور ناهي جيتري نظر اچي ٿي، ديانتدار ماڻهو ڪرسين تي هوندا ته رياست ۾ دم آهي ته پئسا ڪڍرائي سگهي?? نان فائلرز جي لاءِ مراعتون ڇوٽ سان گڏ ڏنيون ويون آهن، ايل پي جي امپورٽ ڊيوٽي 30 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس نيٽ ۾ توسيع لاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد وٺنداسين. قومي اسيمبلي ۾ ضمني ماليا??ي بل 2018ع ??ي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وفاقي ??زير اسد عمر چيو ته ملڪ اسان سڀني جو آهي.