اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آمريڪي دفاع واري وزير جنرل جيمز م??ٽس وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، آمريڪي دفاع واري وزير جي حيثيت سان جنرل جيمز م??ٽس جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي، آمريڪي دفاع واري وزارت جا س??ني??ر عملدار ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هئا جڏهن ته وزيراعظم جي معاونت دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ گهرو وزيرن ۽ لاڳاپيل وزارتن جي س??ني??ر عملدارن ڪئي. آمريڪي دفاع واري وزير جنرل جيمز م??ٽس چيو ته سندس دوري جو مقصد پاڪست??ن سان پائيدار، مثبت ۽ مستقل لاڳاپن جي لاءِ گڏيل بنياد ڳولڻ آهي. هن چيو ته پاڪست??ن سان پنهنجي ڊگهي وابستگي جي ڏس ۾ هو پاڪستان جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ ڏنل قربانين ۽ جانين جي زيان بابت پوري طرح آگاهه آهي ۽ هو پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو ذاتي طور تي قدر ڪري ٿو ۽ ان کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو.