دمشق -26 آگسٽ (اي پي پي) شام جي صدر بشار الاسد چيو آهي، ته شام ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا انهن مسئلن کي حل ڪرڻ کان سواءِ بحال نٿا ٿي سگهن، جيڪي انهن جي ڌار ٿيڻ جو سبب بڻيا. پرڏيهي خابرو اد??ري مطابق هن نئين عوامي اسيمبلي کي خطاب ۾ چيو ته موجوده عالمي بحران وچ ۾ اسان ترڪيه سان لاڳاپن جي بحالي کي نظر ۾ رکندي تجويز ڪيل سمورن قدمن تي جلدي ۽ هاڪ??ري انداز ۾ غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي اصل سببن کي نظر انداز ڪيو وڃي ته ڪو به مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ ڌرين کي لاڳاپن جي بحالي ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي لاءِ مخلصاڻين ڪوششن جي ضرورت آهي. شام جي صدر چيو ته شام ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ پنهن??ن حقن تان هٿ نه کڻندو. هن زور ڀريندي چيو ته سندس ملڪ ۽ ترڪيه وچ ۾ موجوده مشاورت ۾ بنيادي اصولن جي کوٽ آهي جن سان ڌرين کي ڳ??لهين و??ري عمل ۾ رهنمائي حاصل ٿي سگه?? ٿي. هن زور ڀريندي چيو ته ان مسئلي تي دمشق لاءِ شام جي سر زمين تان ترڪيه جي واپسي ۽ شام جي خودمختي??ري جو احترام بنيادي اهميت رکندڙ آهي.