اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاران گهٽ آمدني واري طبقي کي بنيادي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ پناهگاهون قائم ڪرڻ هڪ انقلابي قدم آهي جنهن سا?? اهڙو گهٽ آمدني وارو طبقو فائدو کڻندو جيڪي رات جو فٽ پاٿ يا کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي. سخت موسمي حالتن ۾ زندگي گذاريندڙن جي لاءِ اهو قدم مديني جي رياست جي ما??ل جو هڪ مثال آهي جتي غريب طبقن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. حقيقت ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ حڪومت پنهنجي عوام جو ان طريقي سا?? خيال رکي رهي آهي. پناهگاهن ۾ لکين اهڙن ما????ن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن جيڪي ڏهاڙي اجرت تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان??ن کي ون اسٽار هوٽل جي برابر مفت رهائش ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. پناهگاهون قائم ڪرڻ جو اهو منصوبو پاڪستان تحريڪ انصاف پاران کنيل بهترين قدمن مان هڪ آهي جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ منشور جي هڪ ٻئي واعدي کي پورو ڪرڻ جو اظهار پڻ آهي. پاڪستان بيت المال وزيراعظم عمران خان جي مديني جي رياست جي نموني تحت پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي ويزن موجب پناهگاهن جي جديد طرز تي نئين سر ڙجوجڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت جي احساس پروگرام سا?? شروع ڪيل ان منصوبي تحت ضرورتمند ما????ن کي پناهگاهن ۾ عارضي رهائش ڏيڻ سا?? گڏ ناشتو ۽ رات جو کاڌو پڻ فراهم ڪيو ويندو. ان منصوبي مان اهڙا شهري فائدو کڻي سگهندا جن وٽ شهر يا ڳوٺ ۾ پنهنجو گهر نه آهي يا اهي روزگار جي سلسلي ۾ پنهنجي گهرن کان پري رهي رهيا آهن، بيروزگار مزدور، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو، غريب مسافر، مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ گڏ ايندڙ ما??هو ۽ شاگرد وغيره ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. 49.5 ملين رپين جي لاڳت سا?? ان پروگرام جي شروعات هلندڙ سا?? ڪئي وئي هئي ۽ پهرين مرحلي ۾ ان جو دائرو اسلام آباد تائين محدود رکيو ويو آهي. ان منصوبي مان هيستائين هڪ لک 30 هزار 191 شهري فائدو کڻي چڪا آهن. ان منصوبي تحت پناهگاهون اهڙي جڳهه تي تعمير ڪيون وينديون جتي ماحول دوست موسم ميسر هجي، عارضي يا نيم عارضي وسيع عمارت، رهائشگاهه ۾ پرفضا ماحول، آسان پهچ ۽ هر ڪمري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 20 ما??هو رهائش اختيار ڪري سگهن، پناهگاهن جي لاءِ عمارتون رياستي زمين يا عطيو ڪيل زمين تي پڻ قائم ڪيون وينديون. هر پناهگاهه ۾ 100 ضرورتمند ما????ن کي ناشتي جي فراهمي سا?? گڏ رهائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. هر پناهگاهه سينٽر ۾ 400 ما??هن جي کاڌي جي گنجائش هوندي. پناهگاهه ۾ ضرورتمند ما????ن کي 24 ڪلاڪ شروعاتي طبي امداد جي سهولت ميسر هوندي. ضرورت پوڻ تي ڪنهن به ويجهي سرڪاري اسپتال مان طبي امداد پڻ ڏني ويندي. پناهگاهه ۾ صحتمند ماحول برقرار رکڻ جي لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، واش رومز ۽ باٿ رومز سا?? گڏ اڱڻ جي صفائي سٿرائي جو خاص طور تي خيال رکيو ويندو. پناهگاهن مان فائدو کڻندڙ شهرين جي سارسنڀال جي لاءِ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم جوڙيو ويندو جيڪو مو??ر ۽ شفاف پهچ جي طريقيڪار جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.