بيجنگ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن لاءِ گوادر پورٽ ترقي جو سنگ ميل ثابت ٿيندو، اڪنامڪ زونز، ايڪسپورٽس، انرجي، ايڪيويٽي ۽ انوائرنمينٽ جا 5 ايز تيار آهن، 800 ڪلوميٽر ڊگهي ڪراس ان بارڊر آپٽيڪل فائبر ڪيبل سان ڊجيٽل رابطن ۾ اضافو ۽ استحڪام آيو آهي. بيجنگ ۾ منعقد گلوبل گورننس جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اڪنامڪ زونز، ايڪسپورٽس، انرجي، ايڪيويٽي ۽ انوائرمينٽ جا 5 ايز تيار آهن. وفاقي وزير چيو ته شاهراهن ۽ بندرگاهن جي بهتري سان پاڪستان نئين فريم ورڪ تي عمل پيرا ٿيندو. پاڪستان ۽ چين پرڪشش سيڙپڪاري لاءِ بزنس ٽو بزنس ۽ جوائنٽ وينچر ڪندا. هن چيو ته بهتر روڊ انفرا اسٽرڪچر سان صنعتي ترقي ۾ اضافي جو خواب ساڀيان ٿيندو. اسان کي وڌيڪ مشاورت ۽ گڏيل فائدي لاءِ گهڻ رخي وابستگي جو اظهار ڪرڻ گهرجي، مختلف ملڪن وچ ۾ بامقصد ڳالهين سان مثبت نتيجا حاصل ٿيندا آهن. عبدالعليم خان چيو ته چين جي تعاون سان اورينج لائن ۽ ميٽرو پهرين ماس ٽرانزٽ منصوبا هئا. وفاقي وزير چيو ته 800 ڪلوميٽر ڊگهي ڪراس بارڊر آپٽيڪل فائبر ڪيبل سان ڊجيٽل رابطا مضبوط ٿيا آهن ۽ انهن ۾ اضافو به ٿيو آهي. پاڪستان ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ عورتن لاءِ آرامده ۽ محفوظ پنڪ بس سروس متعارف ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ شاهراهن ۽ مواصلات جي شعبي ۾ بهتري جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن لاءِ گوادر پورٽ ترقي جوسنگ ميل ثابت ٿيندو، سي پيڪ منصوبن ۾ قراقرم هاءِ وي ۽ سکر – ملتان موٽر وي کي پذيرائي ملي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ جي نظام کي معاشي گهرجن، بچت ۽ ماحوليات موجب هجڻ گهرجي. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ وفاقي وزير بيجنگ ۾ گلوبل فورم منعقد ڪرڻ تي چيني عملدارن کي خراج تحسين پيش ڪيو.