GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

باني پي ٽي آءِ ٻيهر يوٽرن وٺي رهيو آهي، هاڻي هڪدم فوج کي نمائندو مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪري هي منٿن ميڙن تي لهي آيا آهن: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ ٻيهر يوٽرن وٺي رهيو آهي، هاڻي هڪدم فوج کي نمائندو مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪري هي منٿن ميڙن تي لهي آيا آهن، هي ڪڏهن ڳلي مان جهلين ٿا ۽ ڪڏهن پيرين پوڻ شروع ٿي وڃن ٿا، ”آئون ڇڏيندس نه“ کان وٺي ”مون سان ڳالهايو پليز“ تائين جو سفر هن تمام تيزي سان طئي ڪيو، هي ڪڏهن 9 مئي تي حملا ڪن ٿا، ڪڏهن قومي سلامتي جي ادارن جي خلاف منظم مهم هلائين ٿا، باني پي ٽي آءِ هن ملڪ جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي، جڏهن کان هي جيل ويو آهي اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي وئي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو، فچ جي ريٽنگ وڌي، آءِ ايم ايف جو معاهدو طئي ٿيو، وياج جي شرح هيٺ آئي، اهي سمورا عمل ان ڳالهه جي علامت آهن ته باني پي ٽي آءِ جي هوندي سياست ۽ عملي ميدان ۾ استحڪام نٿو اچي سگهي، هو نڪتو آهي ته ملڪ ۾ استحڪام آيو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ ڳالهين جي آڇ ڪري منٿن ميڙن تي لهي آيو آهي، هي ڪڏهن 9 مئي تي حملا ڪن ٿا، شهيدن جي يادگارن کي ساڙين ٿا، پنهنجي سوشل ميڊيا سيل مان قومي سلامتي جي ادارن جي خلاف منظم مهم هلائين ٿا، باني پي ٽي آءِ هن ملڪ جي امن ۽ ملڪي سلامتي جي لاءِ خطرو پيدا ڪيو، جڏهن سندس دل چئي هن آءِ ايم ايف کي خط لکي ڇڏيو ۽ ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سائفر لوڏي پرڏيهي پاليسي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دوست ملڪن سان ملڪ جا لاڳاپا خراب ڪيا، ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو ٺاهيو، سندس آواز پوري دنيا ٻڌو جڏهن هن چيو ته اسان کي سائفر سان کيڏڻو آهي ۽ ان کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته اڳ ۾ ”ڇڏيندس نه“ بيانيي کان وٺي هاڻي ”پليز مون سان ڳالهه ڪريو“ بيانيي مان ثابت ٿيو ته هي پنهنجي لاءِ حمايت گهري رهيو آهي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي ڏوهن جي فهرست ايتري ڊگهي آهي جو اها ختم ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران سندس ٽئي ڀينرون، ڀاڻيجو ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا جنهن جي سي سي ٽي وي فوٽيج به موجود آهي، سندس پارٽي باقاعده اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ شفقت محمود ۽ صمصام بخاري ڪور ڪمانڊر، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي جي مخالفت ڪئي پر هن جي پارٽي جي ماڻهن چيو ته خان نه آهي ته پاڪستان نه آهي، انهن جي سياست سدائين جلاءُ گهيراءُ تي ٻڌل رهي آهي، انهن پي ٽي وي تي پڻ حملو ڪيو، ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تي حملو ڪيو، انهن پارليامينٽ جو گيٽ ٽوڙيو ۽ اڄ چئي رهيا آهن ته انهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ نمائندو مقرر ڪيو وڃي. هي ڪڏهن ڳلي مان جهلين ٿا ۽ ڪڏهن پيرين پوڻ شروع ڪن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، باني پي ٽي آءِ ملڪ جي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي، هن اڄ جيل جي اندران هڪ نئين ڪهاڻي ٺاهي آهي ڇو ته کيس خبر آهي ته سندس سوشل ميڊيا سيل پڪڙيو ويو آهي جنهن جون ڪڙيون ملڪ دشمنن سان ملن ٿيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا سيل ۾ رئوف حسن سميت سمورا ماڻهو ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا هئا، ملڪ دشمن قوتن سان انهن جا رابطا هئا، انهن رابطن جي ذريعي هي ملڪ دشمن پاليسيون ٺاهي رهيا هئا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي 11 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت آهي، پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن کي واپس آندو ۽ انهن کي رهايو، اڄ اتي حالتون خراب آهن، انهن جي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ هن چيو ته باني پي ٽي آءِ هر ڳالهه تي يوٽرن وٺي رهيو آهي، کيس اها ڳالهه قابل قبول ئي نه هئي ته ادارو نيوٽرل ٿي ويو، هاڻي انهن جي ڪوشش آهي ته پنهنجي سياسي مفادن جي لاءِ اداري کي سياست ۾ ملوث ڪن. هن چيو ته اها ڪهڙي قسم جي سياست آهي جيڪا منافقت تي ٻڌل آهي. وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ اڄ تائين معيشت جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا؟ 2018ع ۾ اسان ترقي ڪندڙ پاڪستان ڇڏي ويا هئاسين، شهباز شريف ٻيهر اچي ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ موجود رهي ها ته ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏي ها. ڄ به اسان معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي قائم آهيون، انشاءَ الله هن ملڪ کي ترقي ۽ معاشي استحڪام ڏينداسين. گذريل ڏينهن فچ جي ريٽنگ ۾ به اضافو ٿيو جيڪا ٽرپل سي پلس ٿي وئي آهي، وايج جي شرح به گهٽ ٿي، معيشت جي حوالي سان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، روانگي واپار ۾ 3 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو آهي، اهي سمورا اشارا ٻڌائي رهيا آهن ته معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ حالتون بهتري طرف وڃي رهيون آهن. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي ٻٽي معيارن ۽ منافقاڻي سياست آهي، هو پنهنجي ملڪ دشمن ايجنڊا کي ڏسندي چئي رهيو آهي ته مون سان پليز ڳالهايو. هڪ طرف هو 9 مئي جي واقعن جو اعتراف ڪري ٿو ته مون چيو هو ته جي ايڇ ڪيو وڃو ۽ احتجاج ڪريو ۽ ٻئي طرف هو پولي گراف ٽيسٽ کان ڀڄي ٿو ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته ان ٽيسٽ سان سچ ثابت ٿي ويندو ته هي 9 مئي جي حملن جو منصوباساز هو. هن قومي سلامتي جي ادارن جي خلاف نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر اوڳاڇيو، ٻاهرئين ملڪ ويٺل پاڪستانين کي تشدد تي ڀڙڪايو ۽ اڄ چئي رهيو آهي ته ”پليز مون سان ڳالهه ڪريو“، اڄ سندس منٿون ميڙون ڪرڻ جو پروگرام جاري ٿيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سندس هڪ سيل پڪڙيو ويو آهي جنهن ۾ ثبوت موجود آهن، انشاءَ الله تمام جلد اهي سمورا ثبوت قوم آڏو ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنهن ڏينهن کان پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ويو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي وئي آهي ڇو ته ان سان نيگيٽو سينٽيمنٽس واڳيل هئا، باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي جيلن ۾ وڌو، انهن جا ڪاروبار بند ڪيا، ٽي وي چينلز جي مالڪن کي جيلن ۾ وڌو. جڏهن کان هي جيل ۾ آهي اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي وڃي رهي آهي، روانگي واپار وڌي رهيو آهي، فچ جي ريٽنگ ۾ اضافو ٿيو آهي، آءِ ايم ايف جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، وياج جي شرح هيٺ آئي آهي، اهي سمورا عنصر ان ڳالهه جي علامت آهن ته هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو ڊي اسٽيبلائزنگ عنصر آهي ته اهو باني پي ٽي آءِ آهي جيڪو عدم استحڪام کي فروغ ڏي ٿو، ان جي هوندي سياست ۽ عملي ميدان ۾ استحڪام نه ٿو اچي سگهي، هو نڪتو آهي ته ملڪ ۾ استحڪام آيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگرد پارٽي آهي، ان جي اچڻ کان اڳ سياست ۾ ماڻهو هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ماڻهو سياست کي سياسي مخالفت جي طور تي وٺندا هئا، پي ٽي آءِ سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديل ڪيو، گارگند جي ڪلچر کي فروغ ڏنو، عورتن جي تذليل ڪئي، ڌمڪي آميز رويو اختيار ڪرڻ جو مشن ٺاهيو. هي دهشتگرد پارٽي آهي ۽ ان کي انهي لاءِ تحريڪ طالبان پاڪستان تحريڪ انصاف (ٽي ٽي پي ٽي آءِ) چئون ٿا، هي طالبان کي انهي لاءِ واپس آندو هو ته شهيدن جو مذاق اڏايو وڃي، انهن کي پاڪستان جي سالميت سان ۽ ملڪ جي ترقي سان ڪو غرض نه آهي، انهن جو ڪم ڪوڙو بيانيو ٺاهي ملڪ جي خلاف سازشون ڪرڻ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خان صاحب بگڙيل ٻار آهي، جڏهن ان تي مشڪل اچي ته هو روئڻ شروع ڪري ٿو، جڏهن راڻا ثناءُ الله جي گاڏي ۾ هيروئن وجهرائي پئي وئي ته تڏهن بگڙيل ٻار ڪير هو؟ جڏهن مريم نواز کي سندس والد جي سامهون اذيت ڏيڻ جي لاءِ گرفتار ڪيو ويو ته تڏهن بگڙيل ٻار ڪير هو؟ خان صاحب منهن تي هٿ ڦيري چوندو هو ته آئون اي سي لاهي ڇڏيندس، گهر جو کاڌو کڻي وڃڻ نه ڏيندس، دوائون بند ڪندس. هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هڪ بگڙيل ٻار چوندو هو ته آئون ڇڏيندس نه، هو جيڪو چوندو هو ته ڪجهه نٿو ٿئي، هاڻي هو روئي ٿو ته چپ به نه ٿو ڪري.

مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں